رسولن جا ڪم 8:1-3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. انھيءَ ڏينھن کان وٺي يروشلم ۾ ڪليسيا کي ڏاڍو ستايو ويو. رسولن کان سواءِ سڀيئي ايمان وارا يھوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.

2. ڪن ديندار ماڻھن استيفنس کي دفنايو ۽ انھيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون.

3. پر شائول ڪليسيا کي تباھہ ڪندو رھيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي ايمان وارن مردن ۽ عورتن کي گھلي جيل ۾ وجھندو رھيو.

رسولن جا ڪم 8