رسولن جا ڪم 7:46-50 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

46. دائود خدا وٽ قبول پيو ھو ۽ ھن عرض ڪيو ھو تہ يعقوب جي خدا لاءِ کيس گھر اڏڻ جي اجازت ملي.

47. پر خدا جي گھر جي اڏاوت دائود جي پٽ سليمان جي ھٿان ئي ٿي.

48. پر خدا تعاليٰ ھٿن سان جوڙيل گھرن ۾ نہ ٿو رھي، جيئن نبيءَ چيو آھي تہ

49. ’خداوند فرمايو تہ آسمان منھنجو تخت آھي۽ زمين منھنجي پيرن جي صندلي آھي.سو اوھين منھنجي لاءِ ڪھڙي قسم جو گھر اڏيندا.يا منھنجي آرام جي جاءِ ڪٿي ٺاھيندا؟

50. اھي سڀ شيون ڇا منھنجون ئي ٺاھيل نہ آھن؟‘

رسولن جا ڪم 7