14. ھو رسولن جي خلاف ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا، ڇالاءِجو جيڪو ماڻھو چڱو ڀلو ٿيو ھو سو بہ ساڻن گڏ بيٺل ھو.
15. تنھنڪري انھن کين ڪائونسل کان ٻاھر نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ
16. ”اسان ھنن ماڻھن کي ڇا ڪريون؟ ڇالاءِجو يروشلم جو ھر ھڪ ماڻھو ڄاڻي ٿو تہ ھنن ھڪ وڏو معجزو ڪيو آھي جنھن جو اسين انڪار ڪري نہ ٿا سگھون.
17. پر متان اھا ڳالھہ ماڻھن ۾ زيادہ پکڙجي وڃي، تنھنڪري اچو تہ ھنن کي دڙڪو ڏيون تہ وري عيسيٰ جي نالي جي ڳالھہ نہ ڪن.“