5. پولس ھٿ ڇنڊي اھا بلا باھہ ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ کيس بلا کان ڪوبہ ايذاءُ نہ پھتو.
6. اھي ھن انتظار ۾ ھئا تہ پولس سُڄي پوندو يا اوچتو ڪري مري ويندو. پر انھن جڏھن گھڻو وقت انتظار ڪيو ۽ ڏٺائون تہ ھن کي ڪجھہ بہ نہ ٿيو تہ ھنن پنھنجا خيال بدلايا ۽ چيائون تہ ”ھي ڪو ديوتا آھي.“
7. اتي ڀرسان ئي انھيءَ ٻيٽ جي سردار پبليس جي جاگير ھئي. ھن اسان جي سٺي آجيان ڪئي ۽ اسين ھن جا ٽي ڏينھن مھمان ٿي رھياسين.
8. پبليس جو پيءُ بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل ھو. پولس ھن جي ڪمري ۾ ويو ۽ دعا ڪيائين. پوءِ پنھنجا ھٿ مٿانئس رکيائين ۽ کيس شفا بخشيائين.
9. جڏھن ھي ڪم ٿيو تڏھن ٻيٽ ۾ جيڪي بہ بيمار ھئا، تن کي پولس وٽ آندو ويو تہ کين شفا ملي.
10. انھن اسان جي وڏي عزت ڪئي ۽ جڏھن اسان جو سامونڊي جھاز ھلڻ تي ھو تہ انھن اسان جي سفر ۾ ڪم ايندڙ شيون جھاز ۾ رکي ڇڏيون.