رسولن جا ڪم 27:14-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. اڃا ٿورو وقت ئي ڪين گذريو تہ سمنڊ ۾ ھڪ سخت موسمي طوفان اچي ڪڙڪيو، جنھن کي ”يُوراڪُلون“چون ٿا.

15. جڏھن جھاز ڦاسي پيو ۽ واءُ جي سامھون ھلي نہ سگھيو، تڏھن لاچار ٿي اسان کيس واءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ڌڪبا پئي وياسين.

16. ڪودہ نالي ھڪڙي ننڍڙي ٻيٽ جي آڙ ۾ لنگھندي وڏيءَ ڪوشش سان بچاءَ ٻيڙيءَ کي بچائي ورتوسين.

17. تڏھن ملاحن انھيءَ ٻيڙيءَ کي جھاز ۾ چاڙھي، جھاز کي ھيٺين پاسي کان رسا ٻڌي مضبوط ڪيو، پر پوءِ اچي کين ڊپ ورتو تہ متان اڳتي ھلي پاڻيءَ ھيٺان سورتس واريءَ ۾ ڦاسي پئون. تنھنڪري جھاز جو سڙھہ ھيٺ لاٿائون ۽ پوءِ ڇولين جي رحم ڪرم تي ڌڪبا وياسون.

18. جڏھن طوفان اسان کي تمام گھڻي تڪليف ڏني تڏھن ٻئي ڏينھن تي انھن جھاز جو سامان اڇلائڻ شروع ڪيو،

19. ۽ ايندڙ ڏينھن تي انھن پنھنجن ھٿن سان جھاز جو سڙھہ لاھي ڦٽو ڪيو.

20. ڪيترن ئي ڏينھن تائين اسان کي سج، چنڊ ۽ تارا نظر نہ آيا ۽ تيز ھوائون گھلنديون رھيون. آخرڪار اسان پنھنجي حياتيءَ کان نااميد ٿي وياسين.

رسولن جا ڪم 27