24. کين ھي بہ چيائين تہ ”پولس جي سواريءَ لاءِ گھوڙن جو انتظام ڪجو، تہ جيئن ھن کي گورنر فِيلِڪس وٽ صحيح سلامت وٺي وڃجي.“
25. پوءِ ڪپتان کين ھي خط لکي ڏنو تہ
26. ”جناب گورنر فِيلِڪس صاحب بھادر!بعد سلامن جي ڪلوديس لوسياس لکي ٿو تہ
27. ھن ماڻھوءَ کي يھودين پڪڙيو ھو ۽ ذري گھٽ مارڻ تي ھيس جو آءٌ سپاھين کي وٺي وڃي اتي پھتس ۽ يھودين کان بچايومانس، ڇالاءِجو مون کي خبر پئجي ويئي تہ ھو رومي آھي.
28. آءٌ کيس انھن جي وڏي ڪائونسل ۾ وٺي آيس تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ اھي مٿس ڪھڙو ڏوھہ ٿا مڙھين.