رسولن جا ڪم 2:24-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

24. پر خدا ھن کي مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ کيس موت جي ڏکن کان آزاد ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو ناممڪن ھو جو موت کيس قيد ڪري.

25. ڇوتہ دائود ھن بابت چيو آھي تہ’مون خداوند کي ھر وقت پنھنجي اڳيان ڏٺو،ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي ساڄي پاسي آھي،انھيءَ لاءِ تہ جيئن آءٌ نہ گھٻرايان.

26. تنھنڪري منھنجي دل خوش آھي۽ منھنجي زبان خوشيءَ سان ڳالھائي ٿي.بلڪ منھنجو جسم بہ اميد ۾ رھندو.

27. ڇالاءِ⁠جو تون منھنجي روح کيعالم ارواح ۾ ڇڏي نہ ڏيندين،نڪي پنھنجي پاڪ ٻانھي کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.

28. تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون،۽ تون مون کي پنھنجو ديدار ڪرائيخوشيءَ سان ٽمٽار ڪندين.‘

29. اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي بابي دائود بابت کليو کلايو ٻڌايان ٿو تہ ھو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آھي.

30. ھو نبي ھو ۽ ڄاتائين ٿي تہ خدا ھن سان انھيءَ ڳالھہ جو قسم کڻي واعدو ڪيو ھو تہ ’آءٌ تنھنجي اولاد مان ھڪڙي کي تخت تي ويھاريندس.‘

رسولن جا ڪم 2