17. اوھان جي شريعت ۾ بہ لکيل آھي تہ ’ٻن شخصن جي شاھدي سچي آھي.‘
18. سو ھڪڙو آءٌ آھيان جو پاڻ پنھنجي شاھدي ٿو ڏيان ۽ ٻيو پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، سو بہ مون بابت شاھدي ٿو ڏئي.“
19. تنھن تي انھن پڇيس تہ ”تنھنجو پيءُ ڪٿي آھي؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوھين نہ مون کي سڃاڻو ٿا ۽ نڪي منھنجي پيءُ کي. جيڪڏھن اوھين مون کي سڃاڻو ھا تہ منھنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ھا.“
20. عيسيٰ اھي ڳالھيون ان وقت چيون جنھن وقت ھو ھيڪل جي خزاني واري ڪمري ۾ تعليم ڏيئي رھيو ھو ۽ کيس ڪنھن بہ نہ پڪڙيو، ڇاڪاڻتہ اڃا سندس وقت نہ آيو ھو.