يوحنا 12:7-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”ڇڏيوس، ڇوتہ ھن اھو عطر منھنجي ڪفن دفن لاءِ ئي بچائي رکيو ھو.

8. غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان وٽ ھميشہ نہ ھوندس.“

9. يھودين جي وڏي ميڙ جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ بيت⁠عنياہ ۾ آھي، تڏھن اھي اوڏانھن ويا. اھي نہ رڳو عيسيٰ کي ڏسڻ لاءِ ويا پر لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو.

يوحنا 12