26. جيڪڏھن ڪو ماڻھو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي ۽ پنھنجي زبان کي لغام نہ ٿو ڏئي تہ اھو پاڻ کي ٺڳي ٿو ۽ سندس دينداري اجائي آھي.
27. اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بيعيب دينداري اھا آھي تہ يتيمن ۽ رننزالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي داغن کان بہ بچائي رکجي.