2. مون ھڪڙي زورآوار ملائڪ کي ڏٺو، جنھن وڏي واڪي سان ھي اعلان ڪندي چيو تہ ”ڪير آھي جيڪو ھن ڪتاب جي کولڻ ۽ انھيءَ جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق ھجي؟“
3. پر ڪوبہ شخص آسمان ۾، يا زمين تي، يا زمين جي ھيٺان انھيءَ ڪتاب کي کولي يا ان ۾ نھاري نہ ٿي سگھيو.
4. آءٌ زاروزار روئڻ لڳس جو ڪوبہ انھيءَ ڪتاب کي کولڻ يا اُن ۾ نھارڻ جي لائق نہ نڪتو.
5. تڏھن بزرگن مان ھڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ، ڏس، ھو يھوداہ قبيلي جو شينھن جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ غالب پيو آھي، سو ئي انھيءَ ڪتاب کي کولي ۽ ستن ئي مُھرن کي ٽوڙي ٿو سگھي.“