9. جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي.
10. جيڪڏھن ڪو قيد ٿيڻو آھي تہ اھو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏھن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آھي تہ اھو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. اھو آھي خدا جي قوم جو صبر ۽ ايمان.
11. پوءِ مون ھڪڙي ٻئي حيوان کي زمين مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي گھيٽي وانگر ٻہ سڱ ھئا، پر ھن ازدھا وانگر ٿي ڳالھايو.
12. انھيءَ حيوان پھرين حيوان جي روبرو ان جو سڄو اختيار ٿي ھلايو. ھن زمين ۽ ان جي رھاڪن کان انھيءَ پھرين حيوان جي پوڄا ٿي ڪرائي، جنھن جو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو.