مڪاشفو 11:1-3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ ھڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي خدا جي ھيڪل ۽ قربان⁠گاھہ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ عبادت ڪن ٿا تن کي ڳڻ.

2. پر ھيڪل جي اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو غير قومن کي ڏنو ويو آھي ۽ اھي پاڪ شھر کي ٻائيتاليھن مھينن تائين لتاڙيندا.

3. آءٌ پنھنجي ٻن شاھدن کي اختيار ڏيندس ۽ اھي کٿو ڍڪي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين پيشنگوئي ڪندا.“

مڪاشفو 11