مرقس 6:27-29 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

27. تنھنڪري بادشاھہ چوبدار کي موڪليو تہ ”جلدي يحيٰ جي سسي لاھي کڻي اچ.“ چوبدار روانو ٿيو ۽ جيل ۾ وڃي يحيٰ جي سسي لاٿائين.

28. پوءِ ھن اھا سسي ھڪ ٿالھہ ۾ رکي نينگريءَ کي ڏني، جنھن اھا کڻي پنھنجي ماءُ کي ڏني.

29. جڏھن يحيٰ جي شاگردن ھي ٻڌو تہ ھنن اچي لاش ورتو ۽ ان کي قبر ۾ دفن ڪيائون.

مرقس 6