22. يھودين جي مقامي عبادتخاني جو يائرس نالي ھڪڙو اڳواڻ عيسيٰ کي ڏسي سندس پيرن تي ڪري پيو.
23. کيس ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪري چوڻ لڳو تہ ”منھنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آھي، مھرباني ڪري ھلي ھٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“
24. تنھن تي عيسيٰ ان سان گڏجي ھليو تہ ھڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان ھلڻ لڳو ۽ ماڻھو عيسيٰ تي ڳاھٽ پئي ٿيا.
25. اتي ھڪڙي عورت ھئي، جنھن کي ٻارھن ورھين کان رت پيو ايندو ھو.