39. تنھن تي عيسيٰ اُٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”ماٺيون ٿيو.“ تڏھن طوفان بيھجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.
40. پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين ڇو ٿا ڊڄو؟ ڇا اوھان کي اڃا تائين مون تي ايمان نہ آھي؟“
41. پر اھي ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ھوا ۽ پاڻي بہ ھن جو حڪم مڃين ٿا؟“