11. ڀوتن ورتل ماڻھو جڏھن عيسيٰ کي ڏسندا ھئا تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪري چوندا ھئا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين.“
12. پر عيسيٰ انھن کي سختيءَ سان ڇينڀي تاڪيد ڪندو ھو تہ ”مون کي ظاھر نہ ڪريو.“
13. عيسيٰ ھڪڙي جابلو علائقي ۾ ويو ۽ انھن ماڻھن کي گھرايائين جن کي ھو چاھي پيو ۽ اھي وٽس آيا.