1. جڏھن سبت جو ڏينھن پورو ٿيو تہ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ کٿوري خريد ڪئي تہ عيسيٰ جي ميت کي خوشبوءِ ھڻن.
2. آچر جي ڏينھن تي سج اڀرئي مھل اھي قبر تي آيون.
3. اھي پاڻ ۾ چئي رھيون ھيون تہ ”اسان لاءِ ڪير قبر جي منھن تان پٿر ھٽائيندو؟“ ڇالاءِجو اھو پٿر تمام وڏو ھو.
4. پر جڏھن اچي نھاريائون تہ ڇا ڏسن تہ اھو پٿر تہ اڳي ئي رڙھيو پيو آھي.