مرقس 12:42-44 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

42. ايتري ۾ ھڪ غريب رن⁠زال آئي جنھن ٻہ ننڍڙا سڪا اچي پيتيءَ ۾ وڌا.

43. تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن غريب رن⁠زال چندي جي پيتيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ وڌو آھي.

44. ڇالاءِ⁠جو ٻين، جيڪي پنھنجي گھرج کان وڌيڪ ھون تنھن مان پيتيءَ ۾ وڌو آھي، پر ھن رن⁠زال پنھنجي غربت مان بہ جيڪو ھڙ ۾ ھوس سو سڀ وڌائين، يعني تہ پنھنجي سموري ڪمائي ڏنائين.“

مرقس 12