24. تنھنڪري آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جڏھن اوھين دعا گھرو ٿا ۽ جنھن شيءِ لاءِ گھرو ٿا، تہ يقين ڪريو تہ اھا اوھان کي ملي ويئي آھي ۽ اوھان کي اُھو ئي ملندو جيڪو اوھين دعا ۾ گھرندا.
27. ھو وري يروشلم ۾ موٽي آيا. جيئن عيسيٰ ھيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاھن، شريعت جا عالم ۽ بزرگ وٽس آيا،
28. ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪھڙي اختياريءَ سان ھي ڪم ڪرين ٿو؟ تو کي ھن ڪم جي اختياري ڪنھن ڏني آھي؟“
29. تنھن تي عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ بہ اوھان کان ھڪ سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏھن اوھان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوھان کي ٻڌائيندس تہ ڪھڙي اختياريءَ سان آءٌ ھي ڪم ڪريان ٿو.