18. سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جڏھن اھو ٻڌو تڏھن ھو موقعي جي تاڙ ۾ رھڻ لڳا تہ ڪنھن بہ طرح عيسيٰ کي ماري ڇڏين. اھي عيسيٰ کان ڊڄن بہ پيا ڇاڪاڻتہ سڄي خلق ھن جي تعليم تي حيران ھئي.
19. جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ ۽ سندس شاگرد شھر مان نڪري ھليا ويا.
20. ٻئي ڏينھن صبح جو سوير جيئن ھو رستو وٺيو پئي ويا تہ انھن اُھو انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو چوٽيءَ کان وٺي پاڙ تائين سڪي ويو ھو.
21. تنھن تي پطرس کي اُھا ڳالھہ ياد پئي ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي سائين! جنھن انجير جي وڻ کي توھان پاراتو ڏنو ھو، سو سڪي ويو آھي.“