مرقس 1:23-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

23. ايتري ۾ ڀوت ورتل ھڪڙو ماڻھو عبادت⁠خاني ۾ آيو ۽ رڙ ڪري چيائين تہ

24. ”اي عيسيٰ ناصري! تنھنجو اسان سان ڪھڙو واسطو آھي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آھين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آھين، تون خدا جي ھڪ ئي پاڪ ھستي آھين.“

25. پر عيسيٰ ھن کي ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“

26. ڀوت ماڻھوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ وڏي واڪي رڙ ڪري ھن مان نڪري ويو.

مرقس 1