11. فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“
12. عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”طبيب جي گھرج تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي ھوندي آھي.
13. وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ ھن لکت جي معنيٰ ڇا آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي،‘ ڇالاءِجو آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“
14. پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوھان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“