18. ڇاڪاڻتہ ھن ڄاتو پئي تہ ھنن حسد کان عيسيٰ کي قيد ڪري وٽس آندو آھي.
19. اڃا ھو انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي ھو تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ ”ھن نيڪ ماڻھوءَ کي ڪجھہ بہ نہ چئجانءِ، ڇالاءِجو اڄ خواب ۾ مون ھن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آھي.“
20. پر سردار ڪاھنن ۽ بزرگن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ عيسيٰ کي موت جي سزا ڏئي.