1. جڏھن عيسيٰ ھي سڀ ڳالھيون ٻڌائي چڪو تہ ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ
2. ”اوھان کي خبر آھي تہ ٻن ڏينھن کان پوءِ عيد فصح ايندي ۽ ابنآدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا.“
3. ھوڏانھن سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ قائفا نالي وڏي سردار ڪاھن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا.