3. ھيروديس بادشاھہ جڏھن ھي ٻڌو تہ ھو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻھو ڏاڍا پريشان ٿيا.
4. ھن سڀني سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“
5. انھن وراڻيو تہ ”يھوديہ جي بيتلحم ۾، ڇالاءِجو نبيءَ جي معرفت ھيئن لکيو ويو آھي تہ
6. ’اي بيتلحم! يھوديہ جي ملڪ ۾،تون ڪنھن بہ طرح يھوديہ جي شھزادن مان،ڪنھن کان بہ ننڍو نہ آھين.ڇالاءِجو تو منجھان ھڪ حاڪم نڪرندو،جو منھنجي قوم بني اسرائيل جي رھبري ڪندو.‘“
7. تنھن تي ھيروديس انھن نجومين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪھڙي وقت نظر آيو ھو؟“