1. ڇھن ڏينھن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کي اڪيلائيءَ ۾ ھڪڙي مٿاھين جبل تي وٺي ويو.
2. جيئن ئي ھنن عيسيٰ ڏانھن نھاريو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ ھن جو منھن سج وانگر چمڪڻ لڳو. سندس پوشاڪ نوراني ٿي ويئي.
3. پوءِ انھن موسيٰ ۽ الياس نبيءَ کي ڏٺو جيڪي عيسيٰ سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا.