13. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منھنجي آسمان واري پيءُ نہ پوکيو آھي سو ضرور پٽيو ويندو.
14. انھن بابت ڳڻتي نہ ڪريو ڇاڪاڻتہ ھو انڌا اڳواڻ آھن. جيڪڏھن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“
15. تنھن تي پطرس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ انھيءَ مثال جي معنيٰ ڇا آھي.“
16. عيسيٰ چيو تہ ”اوھين بہ اڃا تائين بيسمجھہ آھيو ڇا؟
17. ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي وات اندر وڃي ٿو سو پيٽ ۾ وڃي ٿو ۽ اتان نيٺ ٻاھر نڪري وڃي ٿو.