39. ھن کي ھڪڙو ڀوت اچي ٿو وٺي، جنھن ڪري اوچتو وٺيو رڙيون ڪري. اھو اھڙو ٿو گھٽيس جو گڦ پئي وھيس ۽ چچريو ڇڏيس. پوءِ مس مس ٿو منجھانئس نڪري.
40. مون اوھان جي شاگردن کي بہ عرض ڪري چيو تہ ’ان کي ڪڍو،‘ پر اھي ڪڍي نہ سگھيا.“
41. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بييقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان سان ھوندس ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ پنھنجي پٽ کي ھيڏانھن وٺي اچ.“