لوقا 8:1-3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. تنھن کان پوءِ ھيئن ٿيو جو عيسيٰ شھر شھر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ تبليغ ڪندو ۽ خدا جي بادشاھت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گھميو. ٻارھن شاگرد بہ ساڻس گڏ ھئا،

2. ۽ ڪي عورتون بہ ھيون جيڪي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇٽي چڱيون ڀليون ٿيون ھيون. انھن ۾ مريم بہ ھئي، جيڪا مگدليني ڪري سڏبي ھئي ۽ جنھن مان ست ڀوت نڪتا ھئا،

3. يوعانا، جيڪا ھيروديس جي صلاحڪار خوزا جي زال ھئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون ھيون جن پنھنجي مال⁠متاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارھن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.

لوقا 8