32. اھي تہ انھن ٻارن وانگر آھن، جيڪي بازارن ۾ ويھي ھڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ ’اسان اوھان لاءِ شرناءِ وڄائي پر اوھين نچيا ئي ڪين.‘ ’اسان سوڳ ڪيو پر اوھين رنا ئي ڪين.‘
33. ڇاڪاڻتہ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو نہ ماني کائيندو ۽ نہ مئي پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ھن کي ڀوت آھي.‘
34. پر ابنآدم کائيندو پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏسو، ھي پيٽو ۽ شرابي آھي ۽ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو ساٿي آھي.‘
35. پر خدا جي حڪمت سياڻن مان ئي سچي ثابت ٿي ٿئي پيئي.“