لوقا 24:3-12 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. جڏھن قبر ۾ اندر گھڙي ويون تہ ڏٺائون تہ خداوند عيسيٰ جو ميت تہ آھي ئي ڪونہ.

4. اڃا انھيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون ھيون تہ ڏسن تہ ٻہ ماڻھو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا.

5. تنھن تي ھو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ جھٽ کڻي مٿا زمين تي ٽيڪيائون. تڏھن انھن ماڻھن چين تہ ”جيڪو جيئرو آھي، تنھن کي مئلن ۾ اوھين ڇو ٿيون ڳوليو؟

6. ھو ھتي ڪونھي پر جيئرو ٿي اٿيو آھي. ياد اٿوَ تہ جڏھن ھو گليل ۾ ھو تڏھن اوھان کي ڇا چيو ھئائين تہ

7. ’اھو ضروري آھي تہ ابن⁠آدم کي گنھگارن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ صليب تي چاڙھيو وڃي ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿي.‘“

8. تڏھن عورتن کي ھن جا لفظ ياد آيا.

9. پوءِ ھنن قبر کان موٽي اچي يارھن شاگردن ۽ ٻين سڀني ماڻھن کي اھي ڳالھيون ٻڌايائون.

10. اھي عورتون مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ ھيون، تن اچي رسولن سان اھي ڳالھيون ڪيون.

11. پر رسولن انھيءَ ڳالھہ کي اڻ⁠ٿيڻي سمجھي انھن عورتن جي ڳالھين تي يقين نہ ڪيو.

12. تنھن ھوندي بہ پطرس اٿيو ۽ وٺي قبر ڏانھن ڊوڙيو ۽ اندر ليئو پائي ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آھي. تڏھن جيڪو وھيو واپريو ھو تنھن تي عجب کائيندي گھر موٽيو.

لوقا 24