لوقا 21:16-20 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. اوھان جا ماءُ⁠پيءُ، ڀائر، مٽ مائٽ ۽ اوھان جا سڄڻ بہ اوھان کي پڪڙائيندا، بلڪ اوھان مان ڪن کي تہ مارائي بہ ڇڏيندا.

17. منھنجي نالي جي ڪري سڀ ماڻھو اوھان کان نفرت ڪندا.

18. پر اوھان جو ڪو وار بہ ونگو نہ ٿيندو.

19. پنھنجي صبر سان ئي اوھين پنھنجي جان بچائيندا.“

20. ”جڏھن اوھين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪرن گھيري ورتو آھي، تڏھن ڄاڻجو تہ سندس تباھيءَ جو وقت اچي ويجھو ٿيو آھي.

لوقا 21