1. انھن ڏينھن ۾ شھنشاھہ اگستس ھڪڙو حڪمنامو جاري ڪيو تہ سڄي شھنشاھت ۾ آدمشماري ڪئي وڃي.
2. اھا پھرين آدمشماري ھئي جا شام جي گورنر ڪورنيس جي ڏينھن ۾ ٿي.
3. تنھنڪري ھر ڪو پنھنجي پنھنجي شھر ۾ پنھنجو نالو لکائڻ ويو.
4. يوسف دائود جي گھراڻي ۽ نسل مان ھو. تنھنڪري ھو بہ گليل جي شھر ناصرت مان يھوديہ ڏانھن دائود جي شھر ۾ ويو، جنھن کي بيتلحم چون ٿا.
5. ھو انھيءَ لاءِ ويو تہ پنھنجي مڱينديءَ مريم سان گڏ نالو لکائي جا پيٽ سان ھئي.
6. جڏھن ھو بيتلحم ۾ ھئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو.
7. ھن پنھنجو پھريتو پٽ ڄڻيو ۽ انھيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙھي آھر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻتہ مسافرخاني ۾ ھنن کي جاءِ ڪانہ ملي.
8. انھيءَ علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ پنھنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي،
9. تہ انھن وٽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو انھن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنھن ڪري ھو ڏاڍا ڊڄي ويا.