23. پر ھن جڏھن اھو ٻڌو تہ ڏاڍو غمگين ٿيو، ڇاڪاڻتہ ھو ڏاڍو شاھوڪار ماڻھو ھو.
24. عيسيٰ ڏٺو تہ ھو ڪيتري قدر نہ غمگين ٿي پيو آھي، تڏھن چيائين تہ ”شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ ڪيڏو نہ مشڪل آھي!
25. سچپچ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“
26. ماڻھن جڏھن اھو ٻڌو تڏھن پڇيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“
27. عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪي ڳالھيون ماڻھن کان ٿي نہ ٿيون سگھن، سي خدا کان ٿي سگھن ٿيون.“