1. پوءِ عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ڪنھن شاھوڪار وٽ ھڪڙو منشي ھوندو ھو. ڪن ماڻھن شاھوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنھنجي دولت اڏائي ٿو.‘
2. تنھن تي شاھوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنھنجي باري ۾ آءٌ ھي ڇا پيو ٻڌان؟ پنھنجي منشگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇالاءِجو آءٌ تو کي اڳتي پنھنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘