لوقا 14:4-8 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

4. پر اھي ماٺ ۾ رھيا. تڏھن عيسيٰ ان ماڻھوءَ کي ھٿ لاتو ۽ کيس چڱو ڀلو ڪري روانو ڪيو.

5. پوءِ ھنن کي چيائين تہ ”جيڪڏھن اوھان مان ڪنھن جو پٽ يا ڏاند سبت جي ڏينھن کوھہ ۾ ڪري پوي تہ ڇا اوھين کيس جلدي ٻاھر ڪڍندءُ يا نہ؟“

6. پر اھي ڪو جواب ڏيئي نہ سگھيا.

7. جڏھن عيسيٰ ھي ڏٺو تہ مھمان مٿاھيون جايون پسند ٿا ڪن، تڏھن انھن کي ھڪڙو مثال ڏيندي چيائين تہ

8. ”جڏھن ڪو تو کي شاديءَ جي دعوت ڏئي تہ مٿاھينءَ جاءِ تي نہ ويھہ، ٿي سگھي ٿو تہ تو کان بہ وڌيڪ مانواري کي دعوت ڏني ھجيس.

لوقا 14