1. ھڪ دفعي عيسيٰ سبت جي ڏينھن تي فريسين جي اڳواڻن مان ھڪڙي جي گھر ماني کائڻ ويو ۽ ھنن کيس چتائي چتائي پئي ڏٺو.
2. سندس اڳيان ھڪڙو ماڻھو بيٺو ھو، جنھن کي جلندر جي بيماري ھئي.
3. عيسيٰ شريعت جي عالمن ۽ فريسين کان پڇيو تہ ”سبت جي ڏينھن شفا ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“
4. پر اھي ماٺ ۾ رھيا. تڏھن عيسيٰ ان ماڻھوءَ کي ھٿ لاتو ۽ کيس چڱو ڀلو ڪري روانو ڪيو.