7. پر اوھان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آھن، سو متان ڊڄو، ڇاڪاڻتہ اوھان جي قيمت ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ آھي.“
8. ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو تہ ان کي ابنآدم بہ خدا جي ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندو.
9. پر جيڪو ماڻھن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنھن کي خدا جي ملائڪن جي اڳيان بہ قبول نہ ڪيو ويندو.
10. جيڪوبہ ابنآدم جي خلاف ڪا ڳالھہ چوندو تہ ان کي اھا بخشي ويندي. پر جيڪو ماڻھو پاڪ روح جي خلاف ڪفر بڪندو، تہ ان کي اھو نہ بخشيو ويندو.