لوقا 11:36-38 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

36. جيڪڏھن توھان جو سڄو بدن روشن ھجي ۽ ان جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ اونداھي نہ ھجي تہ اوھان جو سڄو بدن ائين روشن ٿيندو جيئن ڏيئي جي روشني اوھان جي بدن تي پئي اوھان کي روشن ٿي ڪري.“

37. عيسيٰ جڏھن ڳالھائي بس ڪئي تہ ھڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان ماني کائڻ جي دعوت ڏنس. سو ھو اندر وڃي دسترخوان تي ماني کائڻ ويٺو.

38. فريسي ھي ڏسي حيران ٿيو تہ کائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ انھن جي رسم موجب ھٿ ڇو ڪين ڌوتا.

لوقا 11