لوقا 11:15-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

15. پر انھن مان ڪن چيو تہ ”عيسيٰ ڀوتن جي سردار بعل⁠زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.“

16. ٻين وري ھن کي آزمائڻ لاءِ چيو تہ ”ثابتيءَ لاءِ اسان کي ڪو خدائي معجزو ڏيکار.“

17. پر عيسيٰ انھن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنھن بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو ٿو پوي سا برباد ٿيندي ۽ جنھن گھر ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي سو گھر تباھہ ٿيندو.

لوقا 11