فلپين 2:28-30 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

28. تنھنڪري کيس موڪلڻ جو مون کي اڃا بہ وڌيڪ شوق ٿيو، تہ جيئن اوھين کيس وري ڏسي خوش ٿيو ۽ منھنجو فڪر بہ گھٽجي وڃي.

29. سو خداوند جا ھئڻ ڪري کيس ڀاءُ سمجھي وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ اھڙن شخصن کي عزت ڏيندا رھجو.

30. ڇاڪاڻ⁠تہ ھو مسيح جي ڪم خاطر مرڻ تي ھو ۽ پنھنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي خدمت ۾ اوھان جي طرفان جيڪا گھٽتائي ھئي سا پوري ڪري.

فلپين 2