3. ھاڻي اسين ايمان آڻيندڙ انھيءَ آرام ۾ داخل ٿا ٿيون، جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ”تنھنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ’ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.‘“ جيتوڻيڪ دنيا جي بنائڻ وقت ھن جا ڪم پورا ٿي چڪا ھئا.
4. ڇالاءِجو پاڪ ڪلام ۾ ستين ڏينھن بابت ھيئن فرمايو ويو آھي تہ”خدا پنھنجي سڀني ڪمن کي پورو ڪريستين ڏينھن آرام ڪيو.“
5. جيئن خدا اڳي ئي فرمايو آھي تہ”ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا.“
6. سو اھا ڳالھہ اڃا باقي آھي تہ ڪي ماڻھو انھيءَ آرام ۾ داخل ٿيندا. پر اھي جن کي پھريائين خوشخبري ٻڌائي ويئي ھئي، سي پنھنجي نافرمانيءَ جي ڪري داخل نہ ٿيا.