1. تنھنڪري جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھن، تن لاءِ ھاڻي سزا جو حڪم نہ آھي.
2. ڇالاءِجو پاڪ روح جو اصول جيڪو اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري زندگي ڏئي ٿو، تنھن اسان کي گناھہ ۽ موت جي اصول کان ڇڏايو آھي.
3. جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو، يعني ھن پنھنجي فرزند کي گنھگار انساني صورت ۾ موڪليو تہ جيئن ھو اسان جي گناھن لاءِ قربان ٿئي ۽ گناھہ کي سزاوار بڻائي.