7. پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ شريعت گناھہ آھي؟ نہ، بلڪل نہ، ڇالاءِجو جيڪڏھن شريعت نہ ھجي ھا تہ مون کي گناھہ جي خبر نہ پوي ھا. جيڪڏھن شريعت نہ چوي ھا تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ھا.
8. پر گناھہ کي وجھہ ملي ويو. سو ھن انھيءَ شرعي حڪم جي وسيلي مون ۾ ھر طرح جي لالچ پيدا ڪئي، ڇالاءِجو شريعت کان سواءِ گناھہ مئل آھي.
9. ڪو وقت ھو جڏھن شريعت کان سواءِ آءٌ جيئرو ھوس، پر جڏھن شرعي حڪم آيو تہ گناھہ جيئرو ٿي پيو ۽ آءٌ مري ويس.
10. اھو ئي شرعي حڪم جنھن جو مقصد مون کي زندگي بخشڻ ھو، سو ئي منھنجي لاءِ موت جو سبب بڻجي پيو.
11. ڇالاءِجو گناھہ کي وجھہ ملي ويو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي مون کي برغلايائين ۽ انھيءَ ئي شرعي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.
12. جڏھن تہ شريعت پاڻ پاڪ آھي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچو ۽ چڱو آھي،
13. تہ پوءِ جيڪا شيءِ چڱي آھي تہ ڇا تنھن ئي مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر گناھہ پنھنجي گنھگاري ظاھر ڪرڻ لاءِ ھڪ چڱي شيءِ جو سھارو وٺي مون کي ماريو ۽ شرعي حڪم جي وسيلي گناھہ حد کان وڌيڪ بڇڙو ثابت ٿيو.
14. اسان کي خبر آھي تہ شريعت روحاني آھي. پر آءٌ جسماني آھيان، ڇالاءِجو آءٌ گناھہ جو زرخريد غلام آھيان.
15. مون کي پنھنجن ڪمن جي ئي خبر نہ ٿي پوي، ڇالاءِجو جيڪي ڪم آءٌ ڪرڻ گھران ٿو سي تہ نہ ٿو ڪريان، پر اٽلندو اھي ڪم ڪريان ٿو جن کان مون کي نفرت آھي.
16. جيڪڏھن آءٌ اھي ڪم ڪريان ٿو جيڪي حقيقت ۾ آءٌ ڪرڻ نہ ٿو گھران تہ آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ شريعت سچي آھي.
17. سو انھيءَ حالت ۾ ڪم ڪرڻ وارو آءٌ نہ آھيان، پر اھو گناھہ آھي جيڪو مون ۾ گھر ڪري ويٺو آھي، سو ئي اھي ڪم ڪري ٿو.