رومين 5:7-10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

7. ڪنھن سچار ماڻھوءَ خاطر بہ مشڪل سان ئي ڪو پنھنجي جان ڏيندو، پر ٿي سگھي ٿو جو ڪو ماڻھو ڪنھن نيڪ ماڻھوءَ لاءِ پنھنجي جان ڏيڻ جي ھمت ڪري بہ وجھي.

8. پر خدا اسان سان پنھنجو پيار انھيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏھن اسين اڃا گنھگار ئي ھئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ مئو.

9. ھاڻ جڏھن ھن جي موت جي وسيلي اسين خدا ڏانھن سچار ٿياسين، تہ انھيءَ کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسين مسيح جي وسيلي خدا جي غضب کان بچي وينداسين.

10. اڳي خدا جا دشمن ھئاسين، پر سندس فرزند جي موت جي وسيلي اسان جو ھن سان ميلاپ ٿي ويو. ھاڻي جڏھن اسين خدا جا دوست آھيون، تڏھن اسين ڪيترو نہ وڌيڪ مسيح جي حياتيءَ جي وسيلي بچي وينداسين.

رومين 5