2.ڪرنٿين 11:1-3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ڪاش! اوھين منھنجي ٿورڙي بي⁠وقوفيءَ کي برداشت ڪري سگھو. ھا، ضرور برداشت ڪريو.

2. مون کي اوھان لاءِ خدا جھڙي غيرت آھي. انھيءَ ڪري ئي مون اوھان کي ھڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو، تہ جيئن اوھان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر ھن وٽ حاضر ڪريان.

3. پر مون کي اھو ڊپ آھي تہ جيئن نانگ پنھنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنھن نموني اوھان جون دليون بہ انھيءَ سادگيءَ ۽ پاڪائيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح لاءِ ھئڻ گھرجن.

2.ڪرنٿين 11