1.ڪرنٿين 3:19-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

19. ڇالاءِ⁠جو ھن جھان جي ڏاھپ خدا جي آڏو بي⁠وقوفي آھي. جيئن لکيل آھي تہ”خدا ڏاھن کيسندن چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي.“

20. ٻي ھنڌ لکيل آھي تہ”خداوند ڄاڻي ٿو تہڏاھن جا خيال اجايا آھن.“

21. تنھنڪري انسان تي ڪوبہ فخر نہ ڪري، ڇالاءِ⁠جو سڀ شيون اوھان جون آھن،

22. جيئن تہ پولس، اپلوس، پطرس، ھيءَ دنيا، ھيءَ زندگي ۽ موت، حال ۽ مستقبل، اِھي سڀيئي اوھان جا آھن.

23. اوھين سڀيئي مسيح جا آھيو ۽ مسيح خدا جو آھي.

1.ڪرنٿين 3