1. جڏھن آءٌ اوھان ڀائرن ۽ ڀينرن وٽ آيو ھوس تہ مون خدا جي پيغام جي تبليغ وڏن لفظن ۽ ڏاھپ کان سواءِ ڪئي ھئي.
2. ڇالاءِجو مون پڪو ارادو ڪيو ھو تہ جڏھن اوھان وٽ رھان تہ عيسيٰ مسيح ۽ سندس صليب تي چڙھڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ڄاڻان.
3. آءٌ اوھان وٽ ڪمزوري، خوف ۽ ڏاڍي ڏڪڻيءَ جي حالت ۾ رھيس.