1.ڪرنٿين 15:55-58 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

55. اي موت! ڪٿي آھي تنھنجي فتح؟اي موت! ڪٿي آھي تنھنجو ڏنگ؟“

56. موت جو ڏنگ گناھہ ئي آھي ۽ گناھہ جي طاقت شريعت ئي آھي.

57. پر خدا جو شڪر آھي جو ھو اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي فتح ٿو ڏئي.

58. تہ پوءِ اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت⁠قدم رھو ۽ ھميشہ خداوند جي ڪم ۾ وڌندا ھلو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ خداوند جي خدمت ۾ اوھان جو پورھيو اجايو نہ آھي.

1.ڪرنٿين 15